اسان جي وڏڙن جون قربانيون اسان تي ۽ اسان جي ايندڙ نسل تي قرض آهن: وزيراعظم

image

اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن جون قربانيون اسان تي ۽ اسان جي ايندڙ نسل تي قرض آهي ۽ پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بڻائي ئي اسان اهو قرض لاهي سگهون ٿا، قومي مفاد جي بالادستي ۽ هڪ فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع پوري قوم جو گڏيل مقصد آهي جنهن جي لاءِ اسان سڀ گڏجي جدوجهد ڪنداسين، پاڪستان ۾ قائداعظم جديد جمهوري رياست جو هڪ خواب ڏٺو هو، اسان کي سمورن ادارن کي مضبوط ڪرڻو آهي ته جيئن اهي آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، پاڪستان عالمي امن لاءِ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان سڄي دنيا جي سمورن ملڪن خاص طور تي پنهنجي پاڙيسرين سان برابري جي بنياد تي مثبت ۽ تعميري لاڳاپن جي خواهش رکي ٿو، پاڪستان ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ اسان جو ويزن ۽ مشن آهي. هن اها ڳالهه ملڪ جي آزادي جي ڏهاڙي جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪا اڄ سومر ڏينهن ملهائي پئي وڃي، قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں