ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار بابت دستاويزي فلم جاري

image
APP72-26 ISLAMABAD: February 26 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing the launching ceremony of documentary titled "Invincible Resolve" to commemorate Pakistan's historic response to India’s aggression displayed on 27th February, 2019. APP

اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) بالاڪوٽ حملي کانپوءِ ڀارت جي ٻن جهازن کي ڪيرائڻ ۽ پائليٽ کي گرفتار ڪرڻ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان ”فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم“ جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪ فوج پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي سان واڳيل وسيلن کي استعمال ڪندي ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪندي رهندي، پاڪستان جي دستاويزي فلم ذريعي حقيقتون دنيا آڏو رکي ڀارتي ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه کي پڻ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، 27 فيبروري تي پاڪ فضائيه جي جوابي ڪارروائي اسان جو فخر آهي، پوري قوم اڄ اربع ڏينهن فخر سان فتح جو ڏينهن ملهائيندي، پاڪ فضائيه 27 فيبروري تي سرپرائز ڏئي ڀارت کي شڪست ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران تيار ڪيل فتح نه ٿيڻ جوڳو عزم جي عنوان سان دستاويزي فلم جاري ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته امن جي خواهش پاڪستان جي قومي بيانيي جو بنيادي حصو آهي، ڀارتي قيدي پائلٽ جي آزادي به امن جي خواهش جو اظهار هو.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی