ڪارٽيلز ۽ ناجائز منافع خورن خلاف ايڪشن تي به ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي: وزيراعظم

image
APP48-28 ISLAMABAD: February 28 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding subsidies by the Government at PM office. APP

اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪارٽيلز ۽ ناجائز منافع خوري جو سبب بڻجندڙ عنصرن خلاف ايڪشن تي به ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي چوري، سسٽم جي ڪوتاهين ۽ استحصال کان بچائي سگهجي، سبسڊي جي فراهمي سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اها رقم لاڳاپيل ماڻهن ۽ لاڳاپيل مقصد لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گھٽ آمدني ۽ ڪمزور طبقن کي رليف جي فراهمي لاءِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي طرفان ڏنل سبسڊي جي اثرن جي جائزي جو اجلاس منعقد ٿيو.

مضمون کا ماخذ : پاور بال