اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ها??وسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي ها??وسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان ها??وسنگ اٿارٽي جي چ??ئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ها??وسنگ، تعيمرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ اپ سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ ح??صل?? جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي ها??وسنگ تعميراتي منصوبن ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳ??را??ي جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو.