اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊي??ر ج??رل آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊي??ر ج??رل اداري جي اندر موجود خرابين کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ ميپ تيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊي??ر ج??رل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آڊي??ر ج??رل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.