اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ??ه اڻ سڌي ٽيڪس جو ??ار سڀ کان وڌيڪ غريب طبقن تي پوندو آهي، اڻ سڌي ٽيڪس جو ??ار گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف فراهم ڪر?? جي لاءِ معاشي ٽيم کائڻ پيئ?? جي درآمدي شين تي لاڳو ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آڻ?? جي لاءِ تجويزون پيش ڪري. سومر ڏينهن اهڙن خيالن جو ??ظهار هن هتي حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ عام ماڻهن کي رليف فراهم ڪر?? جي حوالي سان امڪاني قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عم??، مخدوم خسرو بختيار، صلاحڪارن عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪ??ر رضا باقر، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.