اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قوم?? جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم ??وراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، ه?? چيو ته پاڪستان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم ??فغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنه?? جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قوم?? جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پاڪستا?? جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستا?? جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم ??ان خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي.