اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عورتن کي خوفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل مع??شرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن سان اهڙو مع??شرو جوڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سائلن خاص طور عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي، ان حوالي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عورتن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل قومن جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي خطاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عورتن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان دنيا جي سڀني مع??شرن ۽ خاص طور تي اولهه ۾ عورتن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عورتن جي عزت ۽ تڪريم سان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چيو ته عورتون فڪري صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور سان عورتن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وسيع ٿيا آهن، صدر چيو ته عورتون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري مع??شري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به مع??شرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن کي ان حوالي سان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن مان فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي لاءِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خاطري ڏيارڻ ضروري آهي.
صدر مع??شرتي براين کي روڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ مع??شرتي رد عمل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ان حوالي سان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا ۾ مع??شرتي ڪمزورين جي عڪاسي سان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏ??و. صدر ع??رف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏ??و ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ئي شهرين ۽ خاص طور تي عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن سان رجوع ڪرڻ جي حوالي سان حوصلا افزائي ٿيندي.
ان موقعي تي حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽيومينٽري جڏهن ت?? مختلف شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي خرا?? تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.