اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ انف??اس??رڪچر جي بهتري جا قدم کڻي رهي آهي، واديءَ ۾ سياحت جي فروغ سان معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اها ڳالهه هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??يراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ترقياتي پئڪيج ۽ 5 سالا ترقياتي پلان تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي و??ي. ترقياتي پئڪيج ۾ سياحتي انف??اس??رڪچر، بنيادي صحت ۽ تعليم ۽ ايل او سي ويجهو رهندڙ آباد?? جي لاءِ منصوبا شا??ل آهن.