چوڌري فواد حسين پاران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين بلوچستان ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اطهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته بلوچستان ۾ زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي سڄي قوم ڏکويل آهي، حڪومت زلزلي متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل عملدارن کي زلزلي متاثرين جي هر ممڪن مدد ۽ زخمين جي بهترين علاج جي هدايت ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير زلزلي ۾فوت ٿيندڙن جي پوئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : quina acumulada