اسلام آباد ??? 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر س??ن وزيراعظم جي بين المذاهب هم آهنگي جي خاص نمائندي حافظ طاهر محمود اشرفي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ رحمت العالمينﷺاٿارٽي جي قيام، مسلمان امت کي درپيش مسئلن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ??سپيڪر چيو ته وزيراعظم جو سيرت رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جي ق??ام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جو اعلان انتهائي خوش آئنده قدم آهي، عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ وزيراعظم عمران خان جو خاتم النبيين ﷺ س??ن والهاڻي عقيدت جو اظهار آهي. هن چيو ته اولهه ۾ اسلامو فوبيا کي روڪڻ لاءِ مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، سيرت النبي ﷺ تي عمل پيرا ٿي مسلمان دنيا کي درپيش مسئلن تي ضآبطو آڻي سگهجي ٿو، هن چيو ته هڪ پرامن اسلامي معاشري کي جوڙڻ لاءِ نوجوانن کي سيرت النبي ﷺ کان آگاهي ضروري آهي، حافظ طاهر اشرفي چيو ته رحمت العالمين ﷺ اٿارٽي جو ق??ام ۽ عشره رحمت العالمين ﷺ ملهائڻ جي قدم جو ملڪ جي اندر ۽ ملڪ جي ٻاهر آجيان ڪئي وئي آهي. نومبر جي پهرين هفت?? ۾ ??يرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي، طاهر اشرفي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ربيع الاول جي مهين?? ۾ ??ڄي ملڪ ۾ سيرت النبي ﷺ ڪانفرنسن جو انعقاد ڪيو ويندو.