اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ??ري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفن?? جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاوي?? جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن لي?? جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چ??نلز کي اشتهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪ??ي وزير فرخ حبيب سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظرعام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ??ري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي اشتهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آهي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏن??ون، مملڪ??ي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن لي?? جي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ دور ۾ ميڊيا چ??نلز کي ڏن?? اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.