اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان او آءِ سي ??رڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس جي ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي ڪري پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي ??رڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هي?? اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.