اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ايوان صد?? ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف صد?? کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي تيارين ۽ دهشتگرد عنصرن جي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ملڪ مان عسڪريت پسندن ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي صد?? سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پ??ش ڪيو جن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ??ي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ عسڪريت پسندن جي خلاف تازين ڪاررواين ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن چيو ته قوم کي پنهنجي هٿياربند فوج جي قربانين تي فخر آهي جن سدائين هر قسم جي مشڪلاتن جي خلاف قومي سرحدن جو دفاع ڪيو.