اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول قوم کي ٻڌائي ته بينظير جون حڪ??متون ختم ڪرڻ وارا ڪير ماڻهو آهن، جڏهن چوريون گڏيل هجن ته پوءِ پنهنجا سمورا اختلاف پٺتي رهجي وڃن ٿا، بينظير ۽ زرداري تي ڪيس عمران خان نه ٺاهيا پر اهي ڪيس ٺاهيندڙ نواز ۽ شهباز ئي هئا. بلاول ڀٽو زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته علي بابا 40 چور، رستن تي گهيلڻ، پيٽ ڦاڙي ڦريل رقم ڪڍڻ جي دعويٰ ڪندڙ شهباز شريف اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ هن چيو ته پيپلزپارتي سدائين نوڪريون وڪرو ڪيون، ميرٽ ت?? پورو لهڻ جي باوجود نذراني کانسواءِ ڀرتيون نه ٿينديون هيون. مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي ئي اسٽوڊنٽ يونين ۾ غنڊه گردي، قتلام ۽ ب??معاشي جو ڪلچر متعارف ڪرايو. روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هاڻي هڪ مذاق بڻجي چڪو آهي، ڪنهن به حڪ??مت ۾ پيپلزپارٽي ان تي عمل نه ڪيو. مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ نوجوانن ۾ بيهي بلاول صاف ڪوڙو ڳالهايو ته سنڌ ۾ ??فت علاج ٿي رهيو آهي، اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي علائقي ٿرپارڪر ۾ ??فت علاج آهي ته اهو رڳو صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي ئي ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪ??مت جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان وفاداري ڪرڻ چاهي ٿي ته صحت انصاف ڪارڊ پروگرام جي پوئيواري ڪري. هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته ساڍا 13 سالن ۾ سنڌ ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون، اسڪول ۽ ڪاليجز کوليا آهن، اصل حقيقت اها آهي ته بلاول جهڙا وڏيرا پاڻ ته علاج ۽ پڙهائي جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ وڃن ٿا انهي لاءِ تعليم ۽ صحت تي ڪم نه ڪري رهيا آهن.