وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن جي ملاقات

image
APP41-280322 ISLAMABAD: March 28 – A delegation of MPAs and party leaders from Multan called on Prime Minister Imran. Foreign Minister Makhdoom Shah Mehmood Qureshi also present in the meeting. APP

اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملتان سان تعلق رکندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر نديم قريشي، جاويد اختر انصاري ۽ تحريڪ انصاف جو ميمبر ملڪ عدنان ڊوگر شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ملتان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، ڏکڻ پنجاب پئڪيج ۽ نئون پاڪستان صحت ڪارڊ جي عوامي پذيرائي کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان عوامي ڀلائي جي جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ۽ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر