اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته وزيراعظم شهباز شريف ل??ڊش??ڊنگ ۾ گهٽتائي جو هنگامي پلان 24 ڪلاڪن ۾ طلب ڪري ورتو آه??. توانائي، پيٽروليم ۽ خزاني جي وزيرن جي ڪميٽي کي وزيراعظم قابل عمل پلان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آه??. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ل??ڊش??ڊنگ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي جي پلان تي موثر عملدرآمد ڪرائينداسين. وزيراعظم جي صدارت ۾ پنج ڪلاڪ ڊگهي جاري رهندڙ اجلاس ۾ سموري صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، هن چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي مجموعي صورتحال تي وزيراعظم کي تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو، صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽن تي بريفنگ ڏني وئي، مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم لاڳاپيل وزيرن کي صنعت ۽ گهريلو صارفين کي بجلي جي فراهمي ۾ توازن آڻڻ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اهڙو پلان جوڙيو جنهن سان عوام کي ل??ڊش??ڊنگ ۾ گهٽتائي پاڻ محسوس ٿئي.