اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين ترڪ سفير کي سفير طور پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي ??ندس نئين ذميدارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان ترڪ سفير مصطفيٰ يرداڪل پارليامينٽ هائوس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا محمد آفريدي ??ه ملاقات ۾ موجود هو، صادق سنجراڻي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي سفير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ ترڪي جي واپار، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ، مختلف علائقائي ۽ عالم?? فورمن تي هڪٻئي جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، سينيٽ چ??ئر??ين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، صادق سنجراڻي چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، آءِ ٽي ۽ دفاع جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو، ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا محمد آفريدي ??رڪ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تر??ي پاڪستان جي دلين ۾ ڀائر ملڪ جي حيثيت سان هڪ خصوصي مقام رکي ٿو، هن چيو ته عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ترڪي جي سفير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي ويندا.