سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ري??يف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن تي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪٽجي وي?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪٽجي وي?? آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪ?? آهي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ سبب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پ??تو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ري??يف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ري??يف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ?? کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.