نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪري??ري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪ??دو. وزيراعظ?? گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي ب??ث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿي??دو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪ??دو. وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادا??تي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿي??دو. جڏهن ته وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خاص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪ??دو.