اسلام آباد– 03 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي وا??ي شهر ۾ سفري سهولتن جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم ج?? هدايت تي مختلف سيڪٽرز کي ميٽروبس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ منصوبو جاري ڪيو ويو، 13 روٽس ۽ 128 بسن تي ٻڌل فيڊر روٽس بس نيٽ ورڪ جو پهريو مرحلو ايندڙ سال جي پهرين ٽي ماهي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. زويراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پهرين مرحلي ۾ ايف، جي ۽ آئي سيڪٽرز سان گڏو گڏ ڊي 12 کي مرڪزي ميٽرو نيٽ ورڪ سان بسون جي ذريعي ڳنڍيو ويندو. ان فيڊر روٽس سان تقريبن هڪ لک مسافرن کي آرام ده ۽ عالمي معيار جون سفري سهولتون ميسر اينديون. وزيراعظم مح??د شهباز شريف منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.