اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف عالمي سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي جي و??ضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان واعدن کي ع??لي شڪل ڏني وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته هن ڪوپ – 27 ۾ اعليٰ سطح تي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کي هڪ مثال جي طور تي پيش ڪيو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن ملڪ کي ڪهڙي طرح نقصان پهچائي سگهي ٿي. وز??راعظم چيو ته هن عالمي اڳواڻن جو ڌيان وڏي پئماني تي مالياتي خال کي پورو ڪرڻ، زيان ۽ نقصان کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت طرف ڇڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته مون دنيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي تبديلي جي و??ضح چئلينج کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پنهنجي و??عدن کي ع??لي شڪل ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿئي. هي صورتحال موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي خلاف صلاحيتن، ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي رخ ۾ تبديلي جي گهرج ڪري ٿي.