اسلام آباد– 16 – جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيرن ۽ صلاحڪارن جي لاءِ ??اڏين جي خريداري جون جعلي ۽ هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته قانوني قدم کڻڻ جو فيصلو واضح ۽ بار بار جي ترديد جي باوج??د افواهون پکيڙڻ تي کنيو ويو آهي. ميڊيا کي به ??رخواست آهي ته اها به ??فواهن کي خبرون ٺاهي پيش نه ڪري.