اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪست??ن کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۾ ريليف ۽ اضافي هڪ ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي فيص??ي سان اس??ن کي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جا پاڪست??ن کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۾ ريليف ۽ اضافي هڪ ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي فيصلي تي دل سان ٿورا مڃون ٿا اهو تعاون اس??ن کي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اسان پنهنجي اماراتي ڀا??رن ۽ ڀينرن جي حسن سلوڪ کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون.