اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سريلنڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت ۽ تعليم جي شعبن ۾ وڌ کان وڌ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، جن کي گڏ??ل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وقت سريلنڪا جا 20 سينيئر سول سرونٽس اسلام آباد جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ انٽرنيشنل ريليشنز، پيس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، پبلڪ پاليسي ليڊرشپ ۽ مئنيجمينٽ بابت ٻن هفتن جي تربيتي پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ??يو??وڪريسي تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، نظام جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ تيز رفتار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تي ??يا?? ڏين. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي تعليم ۽ صحت جي شعبن جي ترقي تي ??يا?? ڏيڻ سان گڏ??گڏ انهن کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ تيز فيصلا ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته ??يو??ڪريٽس ۽ سياستدانن کي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي لاءِ فڪري رستا ٺاهڻ جي لاءِ وقت سر فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته فڪري برتري قومن کي عظيم بڻائيندي آهي. رياستن کي علمي معيشتن کي ترقي ڏيڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري تي ??يا?? ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪ آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي تي ??يا?? ڏئي ۽ سازگار ڪاروباري پاليسيون اختيار ڪري تيز رفتار اقتصادي ترقي حاصل ڪري سگهن ٿا. صدر اسرندڙ ملڪن بابت اهڙن مالي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مالي طور تي وڌيڪ نظم ۽ ضبط اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به روشني وڌي. هن وڌيڪ چيو ته خراب معاشي ف??صلن جو خميازو اڪيلي عام ماڻهو تي نه ٿو وجهي سگهجي ۽ اشرافيه کي به ملڪ جي بهتري لاءِ بار ورهائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته فيصلاسازن ۽ ??يو??وڪريسي کي ماڻهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد جي لاءِ پنهنجا رويا ۽ ذهنيت تبديل ڪرڻي پوندي. علائقائي تعاون بابت هڪ سوال جو جواب ڏيندي صدر ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سان خطي جي ماڻهن ۾ وڌيڪ خوشحالي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته اسرندڙ ملڪن کي عالمي پولرائيزيشن کان پري رهڻ گهرجي ۽ خواندگي، صحت، موسمياتي تبديلين، گلوبل وارمنگ ۽ علائقائي تعاون کي بهتر بڻائڻ جهڙن مسئلن تي ??يا?? ڏيڻ گهرجي. ٽريننگ ۾ شرڪت ڪندڙ دوست ملڪن جي سول سرونٽس کي تربيت جا موقعا ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪوششن کي سا??اه??و. سريلنڪا جي سينيئر سول سرونٽس هن وقت هڪ ايگزيڪيوٽو ٽريننگ پروگرام ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سول سرونٽس ۽ اڪيڊمين جي وچ ۾ گڏ??ل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سول سرونٽس کي جديد علم ۽ ٽيڪنڪ ف??اه?? ڪرڻ آهي ته جيئن سٺي حڪمراني ۽ موثر خدمتن جي ف??اه??ي کي يقيني بڻائي سگهجي.