انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ زلزلي سٽيل علائقن جي دوري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ي??سف جنيد وزيراعظم جو ا??تق??ال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.