اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري موريطانيا ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 49 هين اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جي ??جلاس ۾ شرڪت ڪئي. او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل جي ??دارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعودي عرب، ترڪيءَ، نائجر، آذربائيجان ۽ ڪشميرين جي ??قيقي نمائندي ۽ او آءِ سي جي ??زاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آئي پي ايڇ آر سي) شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان موجب پرڏيهي وزير رابطا گروپ کي ڀارتي غيرقا??ون?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??ورتحال کان آگاهه ڪيو. هن وضاحت ڪئي ته 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي ??يرقا??ون?? ۽ هڪطرفي قدم ۽ ان جي نتيجي ۾ والاريل علائقي ۾ آبادياتي تبديلين جي ڪوششن سان ڀارتي غيرقا??ون?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال بگڙجي وئي آهي. هن چيو ته غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ اهڙا قانون ٺاهي جيڪي غيررهواسين کي ڀارتي غيرقا??ون?? والاريل خطي ۾ زمين خريد ڪرڻ ۽ رکڻ جي ??جازت ڏين ٿا، ڀارت ڪشميرين کي پنهنجي ??ي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اهي قدم عالمي قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي واضح خلاف ورزي آهي جيڪي قابض طاقت کي اهڙا قدم کڻڻ کان روڪي ٿو. رابطا گروپ ڀارتي غيرقا??ون?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار تي او آءِ سي جي موقف جي ??وثيق ڪئي وئي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقا??ون?? قدمن کي سختي سان رد ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو. پڌرنامي ۾ او آءِ سي جي ??يڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي ڪاز جي لاءِ آواز اٿارين ۽ ڪشميري عوام تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڀارت کي جوابده قرار ڏين. رابطا گروپ ڀارت کان ان جي ??يرقا??ون?? طور تي والاريل خطي ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي ??واهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??ل لاءِ قدم کڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.