اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي، اسان کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي 50هين سالگره جي موقعي تي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايوان ۾ موجود سمورين شخصيتن کي گولڊن جوبلي مبارڪ هجي، اها تقريب سينيٽ چيئرمين جو قابل تحسين قدم آهي. هيءَ تقريب جمهوري قدرن جي حوالي سان اهميت وارو آهي. سينيٽ وفاق جي علامت آهي جنهن ۾ سمورن صو??ائي اڪائين جي نمائندگي شامل آهي. پ پ ان آئين جي خالق آهي، هي آئين مشڪل حالتن ۾ ملڪي است??ڪا?? جو ضامن رهيو، ان ۾ مساوات جي اصول تي عمل ڪيو ويو. هن چيو ته سمورين سياسي اختلافن باوجود پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، اسان کي عملي قدمن ذريعي سياسي قدرن تي عمل ڪرڻ ??هر??ي. اسان کي سينيٽ جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ لاءِ قدم کڻڻ ??هر??ن، مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلي بين ا??اق??امي مسئلو آهي، اسان آئين جو احترام ڪريون ٿا، ان ۾ چيو ويو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ ??هر??ن ته ائين ئي هئڻ ??هر??ي. ڪوبه آئين ۽ قانون کان مٿاهون ناهي، ڪنهن کي عدليه ۽ ادارن کي نشانو بنائڻ نه ??هر??ي. آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ ??هر??ي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. هن چيو ته شه??د بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، شه??د بينظير ڀٽو پارليامينٽ جو هميشه احترام ڪيو، اسان کي احتساب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي.