اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي پوليو جهڙي موذي مرض کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، پاڪستان جي مستقبل کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ تائين ذاتي نگراني سان پنهنجون ڪوششون ??اري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روٽري فائونڊيشن جي وفد انٽرنيشنل پوليو پلس ڪميٽي جي سربراهه مائيڪ ميڪ – گورن جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ روٽري جي عهد??دا??ن عزيز ميمڻ، فيض ڪنڊوائي، عدنان روحيلا ۽ لاڳاپ??ل وزارتن جي اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ روٽري انٽرنيشنل ۽ بل ۽ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جون ??دمتون ??اراهه جوڳيون ??هن. حڪومت پوليو جي خاتمي جي ورڪرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ روٽري انٽرنيشنل پاران رهائشي منصوبن جي قيام جي پذيرائي ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي پوليو جي ايندڙ مهم جي لاءِ ٺوس حڪمت عم??ي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته روٽري انٽرنيشنل ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ مهم جي لاءِ ٻين حص??دا??ن به هلندڙ سال هڪ ڪروڙ 50 لک ڊالر مخصوص ڪيا آهن. ملاقات ۾ عم??دارن وزيراعظم کي ملڪ ۾ پوليو مهمن جي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جي شروعات به ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي خاص طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي کي هر صورت ۾ فول پروف بڻايو وڃي. وزيراعظم صحت واري قومي وزارت جي عم??دارن کي به ايندڙ پوليو مهم جي خاتمي لاءِ مڪمل تياري جي هدايت ڪئي.