اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي وي فلڪس جي شروعات هڪ بهترين قدم آهي، اها ايپ پي ٽي و?? جي مو??د کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ لاتعداد پاڪستانين کي بهترين تفريح فراهم ڪئي. هن ايپ جي ذريعي اهو مواد هاڻي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ به پهچ جوڳو هوندو. وزيراعظم اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي ان ڪامي??بي تي مبارڪباد ڏني ۽ اطلاعات واري وز??رت ۽ پي ٽي وي پاران ان پراجيڪٽ ۾ شامل عهديدارن کي ڀرپور ساراهيو.