اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي ڳالهين جي ڪام??اب?? جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته چون??ون بهرحال ٿيڻ??ون ئي آهن، چون??ون نه ٿيڻ جو ڪو ٺوس جواز نه آهي، پاڪ فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ويو آهي ته فوج غيرسياسي ادارو آهي، عوام پاڻ رستن تي نه ٿي اچي پر سياستدان آئين جي تحفظ جي لاءِ انهن کي متحرڪ ڪن ٿا. هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئين کان ڪنهن به صورت ۾ انحراف نه ٿيڻ گهرجي، اهو چيو پيو وڃي ته چونڊن جي لاءِ پئسا نه آهن پر ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ملڪ جي اندر حالتون خراب نه آهن ۽ نه ئي جنگ ٿي رهي آهي جو چون??ون نه ٿي سگهن، ان حوالي سان ڪو جواز قبول نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته آمريڪا ۾ گهرو ويڙهه دوران به وقت تي چون??ون ڪرا??ون و??ون اهو طرزعمل جمهوري قدرن کي وڌيڪ سگهه ڏي ٿو. جمهوريت تڏهن مضبوط ٿيندي جڏهن اصولن تي ڪاربند رهيو وڃي. هن چيو ته هو گذريل 10، 15 سالن کان شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ جي حمايت ڪري رهيو آهي پر ان ڏس ۾ لاڳاپيل فورم پاران سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو انهي جي ڪري هر اليڪشن کانپوءِ ڌانڌلي جا آواز اٿن ٿا. هن چيو ته جيڪي قو??ون دنيا سان گڏ هلڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ پنهنجا مسئلا حل حل نه ٿ??ون ڪري سگهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿيون. هن چيو ته 250 کان وڌيڪ بل مون وٽ موڪليا ويا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ بل سمي?? ڪجهه بلن تي مون کي خدشا هئا جيڪي منظوري کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ مديني جي رياست ته نه ٺهي سگهي پر رخ جو تعين ٿيڻ به اهم هوندو آهي. هن چيو ته منهنجي ۽ پي ٽي آءِ جي سوچ هڪ آهي پر ان بنياد تي مون هن عهدي جي تضحيڪ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏني آهي.