اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ??رڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪست??ني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت پاران ڪشمير تي ڪوڙي پروپئگنڊه ۽ والاريل واديءَ ۾ تازي جي – 20 اجلاس گهرائي دنيا کي غلط تاثر ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبل?? ۾ ??شميرين جي امنگن جي ترجم??ني سان ڀرپور خطاب کي پڻ ساراهيو. هن ??يو ته ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ??رڇ جي هڪ اڻ مڪمل ايجنڊا آهي، ڀارت جي والاريل ڪشمير کي پنهنجو حصو ثابت ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي، هر پاڪست??ني جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.