اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، و??ير??عظم جو صلاحڪار احد خان چيما، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار ??وجود هئا. و??ير??عظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلا?? هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. و??ير??عظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. و??ير??عظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي. و??ير??عظم چيو ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين.