ڪراچ??- 15 جون (اي پي پي)پ??ڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پ??ڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پ??ڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفو?? ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پ??ڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻي??ين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پ??ڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پ??ڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.