ڪراچي – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تجديد عهد ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري ادارن جي مضبوطي ۽ برابري جي فروغ جي لاءِ ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو کي ان جي 70 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پُورب ڄائي ڪالهه به اونداهين ۾ گهيريل قوم جي لاءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ به مشڪل حالتن ۾ ان جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ جي لاءِ رهنمائي آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ بي قابو ٿيندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو جي ع??ام دوست فلسفي جي پيروي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر ع??ام کي سدائين اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتون ڪيتريون ئي ڏکيون ڇو نه هجن، ”بينظير ايندي?? روزگار آڻيندي. آئون يقين ڏاريان ٿو ته جيڪڏهن ع??ام ايندڙ عام چونڊ?? ۾ ??اڪستان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو، ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ روزگار آڻيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو هڪ تاريخ ساز سخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پروان چڙهڻ، حقيقت ۾ ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو جي ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. قائد ع??ام جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ ??هي?? محترمه بينظير ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??هي?? بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين نمونو ان جي سوچ ۽ فلسفي جي پيروي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ان جي اڻ مڪمل مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو مشن اهو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ جمهوري ادارا مضبوط ٿين، ملڪ مان غربت جو خا??مو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي رواداري، برابري ۽ هم آهنگي جو مان مٿاهُون هجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان مان هر هڪ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سربلندي جي لاءِ بينظير جي ويزن جو عزم ڪري.