اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائ??يڪ??ر محمد عاصم کچي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جو سيڪريٽري راجا خلي??، سينيئر صحافي نوابزاده خورشيد، راڻا ??مر??ن لطيف، شڪيل احمد عباسي، ينگ ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري انفارميشن نوابزاده شاهه علي پڻ موجود هو. اي پي پي جي ايم ڊي محمد عاصم کچي چيو ته والدين جو ڪوبه نعم ??لب??ل نه آهي، الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.