اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي سان خطي ۾ خوشحالي جي نئين سفر جي شروعات ٿيندي. اهڙو اظهار هن سي ??يڪ جي 10 سالن واري تقريب جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ جو دؤرو نهايت اهميت وارو آهي. سي ??يڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي نائب وزيراعظم صدر شي جنگ ??نگ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. پاڪستان حڪومت چيني قيادت ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪري ٿي جن مشڪل حالتن ۾ پاڪستان سان دوستيءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو. احسن اقبال چيو ته موجوده حڪومت گذريل 14 مهينن ۾ سي ??يڪ جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائيءَ کي تيز ڪيو. هن چيو ته جڏهن ڪو پاڪستان ۾ هڪ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ان وقت سي ??يڪ تحت پاڪستان کي اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ميسر ٿي. سي ??يڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تاريخي سنگِ ميل آهي، ان ذريعي پاڪستان کي چين جو سياسي شعبي سان اقتصادي شعبي ۾ به تعاون حاصل ٿيو. هن چيو ته سي ??يڪ کان پهرين مرحلي ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري آهي جيڪو پاڪستان ۾ لکين ماڻهن جي روزگار جو سبب بڻيو. پاڪستان انڊسٽري لاءِ نئين ڊيمانڊ پيدا ٿي ۽ پاڪستاني انجنيئرز ۽ ورڪرز نئين ٽيڪنالاجيءَ سان روشناس ٿيا ۽ کين تربيت حاصل ٿي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري سي ??يڪ جي 10 سالن جي تقريبن تحت پاڪستان ۽ چين ڪالهه ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ 6 مفاهمت جي هڪ يادداشت تي صحيحون ڪيون. هن چيو ته سي ??يڪ جي 10 سالن جي تقريبن جي سلسلي ۾ اڄ هتي گڏ ٿيا آهيون. سي ??يڪ جي 10 سالن جي تقريب جي حوالي سان مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سي ??يڪ سان خطي ۾ هڪ نئين ترقياتي دؤر جي شروعات ٿي آهي. چين پاڪستان ۾ سي ??يڪ تحت اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي. چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو. محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ سي ??يڪ کي هڪ نئون روح بخشيو، سي ??يڪ تحت توانائيءَ جي بحران کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته سي ??يڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارن منصوبن جي شروعات ڪئي ??ين??ي. سي ??يڪ تحت شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنا ويا. سي ??يڪ ذريعي درپيش چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۾ مدد ملي. سي ??يڪ سان ٻنهي ملڪن ۾ خوشحالي ۽ هم آهنگيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته سي ??يڪ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ خوبصورت گلدستي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته سي ??يڪ تحت ملڪ ۾ فائبر آپٽڪ ڪيبل ذريعي پاڪستان جي ڊجيٽل بيڪ بون کي مڪمل ڪيو ويو، ملتان- سکر موٽر وي، هزاره ايڪسپريس وي ملڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇايو. گوادر پورٽ جي تعمير ٿي، ايسٽ بي ايڪسپريس وي ٺهي، گوادر ۾ اسڪول، اسپتال ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جا ووڪيشنل سينٽر بڻيا.