اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتين وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرڪ گولڊ جي وفد ريڪوڊڪ منصوبي تي سيڙپڪ??ري ۾ پاڪستان حڪومت جي حصي جي پاڪستاني رپين ۾ ادائيگي تي اتفاق ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ مارڪ برسٽوو و??ير??عظم کي ريڪوڊڪ ۾ ج??ري ترقياتي ڪم تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين عالمي ڪمپنين جي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، منرل سمٽ جي ڪاميابي ۽ پاڪستان ۾ بيرڪ گولڊ جهڙين عالمي ڪمپنين جي اعتماد جي بحالي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل ج??ري ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن چيو ته پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، انهن قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميو??ري پوري ڪن. بريفنگ ۾ و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ ۾ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو قيام ڪيو ويو آهي جيڪا بلوچستان جي عو??م جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي امڪاني قدمن جي نشانده?? ڪري ٿي، ڪميٽي ۾ شامل مقامي نمائندا مقامي ماڻهن جي ترقي جي لاءِ منصوبن جي نشاندهي پاڻ ڪن ٿا، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان خاص طور تي باصلاحيت مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. و??ير??عظم چيو ته منصوبي جي سيڙپڪ??ري مان علائقي جي ترقي تي پڻ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي. و??ير??عظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، و??ير??عظم جا خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري آفيسر پڻ موجود هئا.