اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ د??خلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ اهم قدم کڻندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي تاريخ ۾ توسيع ڪري ان کي 10 سيپٽمبر 2023ع تي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 27 آگسٽ تي منعقد ٿيڻي هئي. نگران وزيراعظم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي درخواست تي ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع جو فيصلو ڪيو. ايم ڊي ڪيٽ جي تاريخ ۾ توسيع سان شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ د??خلا جي امتحان جي لاءِ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو.