اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ??ي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جد?? ۾ ??هي ته جيئن غزه جي بحران ۽ اتان جي بند ۾ پيل شهرين جي انساني صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي گهرايو آهي. نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي ملڪن جي پنهنجي هم منصبن ??ان مشاورت ۾ مصروف آهي. بيان موجب ان غيرمعمولي سيشن تي هن مصر، ايران، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن ??ان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير انهن ??ان مشاورت دوران غز?? ۾ ??سرائيلي بمباري ۽ گهيراءُ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ موجوده صورتحال تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جده ۾ ملاقات ??ان گڏ مشاورت جاري رکندو. بيان موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ??ي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ اجلاس جي حوالي ??ان نگران پرڏيهي وزير او آءِ سي پاران جنگبندي ۽ لنگهن جي ذريعي انساني امداد جي فراهمي جي گڏيل مطالبي جي لاءِ پاڪستان جي ترجيح تي زور ڏنو آهي ته جيئن خوراڪ، دوائون، پاڻي ۽ ٻيو ضروري سامان غزه جي ماڻهن تائين بنا ڪ??هن دير جي پهچي سگهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کانپوءِ جي ڪوششن جو رخ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل طرف هجڻ گهرجي. بيان موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي فلسطين جي هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ رياست قائم ڪئي وڃي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.