اسلام آباد- 06 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ صحت جي عا??مي اداري صحت جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ مفاهمت جي ياد داشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صحيحن واري تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، قومي صحت جي نگران وزير ڊاڪٽر نديم جان، سيڪريٽري هيلٿ افتخار علي شلواني ۽ ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪز??ي به مو??ود هئا. مفاهمت جي ياد داشت تي سيڪريٽري صحت افتخار شلواني ۽ صحت جي عا??مي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ماهييالان مفاهمت جي ياد داشت تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ ڊاڪٽر بصير اچڪز??ي بريفنگ دوران ٻڌايو ته علاج لاءِ يونيورسل هيلٿ ڪوريج ??ڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ به سڄي دنيا ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج ??ي معاملن بحث ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج ??ي شروعات ڪئي آهي. ان لاءِ پاڪستان ۾ صحت جي عا??مي اداري طبي اوزان، ايمبولينسون ۽ مو??ائل يونٽس جي فراهمي، ليبر رومز ۽ صحت جي بنيادي ۽ ثانوي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ايمبولينسون ۽ مو??ائيل هيلٿ يونٽس جون چاٻيون ڏنيون. وزيراعظم صحت جي عا??مي اداري طرفان فراهم ڪيل ايمبولينسن جو معائنو به ڪيو .