اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار ??ست??د حسين بخش خال ??ُلو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ??ست??د حسين بخش گُلو جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ست??د حسين بخش گُلو جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي ??فسوس ٿيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ ??ست??د حسين بخش گُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. ??ست??د حسين بخش گُلو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو. مرتضيٰ سولنگي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.