اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جوڙڻ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ميڊيا سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين پهچائيندي تعميري مڪالمي ۾ پنهنجو حصو وجهي، سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، سي پيڪ سان پاڪس??ان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ٿيو آهي، سي پيڪ تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. ڪامسٽيڪ ۾ اٺين چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ کيس چين ۾ ٿيندڙ سي پيڪ ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جيڪو چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه بابت پروپئگنڊه کي چئلينج ڪرڻ ??ي لاءِ مخصوص هو. هن چيو ته پاڪس??ان چائنا انسٽيٽيوٽ 2014ع ۾ سي پيڪ ميڊيا فورم جي شروعات ڪئي ته جيئن سي پيڪ جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه بابت گهري آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪس??ان ??ي لاءِ انتهائي مناسب وقت تي آيو جنهن مستقبل بابت پاڪس??ان جي عوام ۾ اميد، اعتماد ۽ يقين پيدا ڪيو. هي منصوبو هاڻي هڪ حقيقت بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ کان چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پاڪس??ان جو سماجي ۽ اقتصادي منظرنامو تبديل ڪري ڇڏيو آهي، توانائي جي سنگين بحران کي منهن ڏيڻ ۾ سي پيڪ پاڪس??ان کي مدد فراهم ڪئي. هن چيو ته سي پيڪ کان اڳ پاڪس??ان کي 2013ع ۾ مختلف چئلينجز درپيش هئا جن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سميت معاشي خسارو شامل هو. هن چيو ته سي پيڪ رڳو بنيادي ڍانچي جو منصوبو نه آهي، ان منصوبي تحت 2013ع کان هيستائين 2 لک 36 هزار روزگارجا موقعا پيدا ٿيا، ان منصوبي سان مقامي افرادي قوت کي ترقي جو موقعو مليو جڏهن ته ان منصوبي سان علائقائي فرق جي خاتمي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪس??ان جي معاشي واڌويجهه کي نمايان طور تي بلند ڪيو ۽ ان ۾ 2 کان 2.5 س??ڪڙ?? سالياني شرح سان اضافو ڪيو. هن چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سي پيڪ جي 17 هزار 45 ميگاواٽ جي وڏي صلاحيت جنهن ۾ هائيڊرو، ونڊ، سولر ۽ ڪوئلي سان بجلي جي پيداوار شامل آهي، ان پائيدار ۽ اعتماد جوڳي توانائي جي فراهمي کي يقيني بڻايو. اطلاعات ۽ پارلياماني معامل?? واري نگران وفاقي وزير چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بابت عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۾ ميڊيا جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پروپئگنڊه عوامي راءِ کي تبديل ڪري ٿي، ان کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ميڊيا معلومات جي صحيح فراهمي ۽ غيرجانبداراڻي بيانيي کي ذميواري سان اڳتي ڦهلايو. هن چيو ته اڄ جي معلوماتي دور ۾ سچائي جي محافظ طور ميڊيا جو ڪردار اڳ کان ڪيترائي وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته سي پيڪ نه رڳو اسان جي قوم کي ترقي ڏني پر هڪ روشن، وڌيڪ خوشحال پاڪس??ان ??ي لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ويو آهي، هڪ خوشحال مستقبل ??ي لاءِ سي پيڪ جي حقيقي اثرن ۽ امڪانن کي صحيح طريقي سان عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا جو تعميري مڪالمي ۾ حصو لازمي آهي.