اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ ??نه??جو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان پارليامينٽ ۾ ??نه??جي پارلياماني حيثيت سان وينداسين ۽ ??نه??جو آواز بلند ڪنداسين، اسان اسيمبليون نه ڇڏي رهيا آهيون. جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس عامله کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ??نه??جو مؤقف ڏئي رهيا آهيون، منهنجو بيان مرڪزي مجلس عامله جو بيان آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ۾ ناهيون. هن چيو ته اسان جا خدشا آهن پر اسان اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ته اسان اسيمبليون ڇڏي رهيا آهيون، اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن بابت اسان جو مؤقف واضح طور تي اچي ويو آهي ان تي ڪو ابهام ناهي. هن چيو ته مرڪزي مجلس عامله جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عمومي کي سفارش ڪئي آهي ته اها جمعيت جي پارلياماني سياست جي باري ۾ فيصلو ڪري، ان سلسلي ۾ چئني صوبائي مجلس عمومي جا اجلاس صوبن جي مرڪزي هنڌن تي سڏايا ويندا ته جيئن مرڪزي مجلس عامله جي فيصلن جي باري ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ وٺي سگهجي. هن چيو ته اسان 22 فيبروريءَ تي اسلام آباد ۾، 25 فيبروري تي بلوچستان ۾ ??نه??جي صوبائي ج??رل ڪا??ون??ل سان، 27 فيبروري تي اسان ڪي پي ڪي خاص طور تي فاٽا ۾ جنرل ڪا??ون??ل سان، 3 مارچ تي اسان ڪراچي ۾ سنڌ صوبي ج?? جنرل ڪا??ون??ل سان ۽ 5 مارچ تي لاهور ۾ پنجاب جي ج??رل ڪا??ون??ل سان ملاقاتون ڪنداسين. هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ سان اسان جا اختلاف ڪنهن کان لِ??ل ناهن پر ايوان ته سڀني ج?? هوندو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي قوت آهي، ملڪ جي داخلي نظام ۽ عالمي مسئلن تي ڪنهن مصلحت يا سمجهوتي ج?? شڪار نه ٿيندي ۽ وسيع مشاورت ڪئي ويندي، اسان افغانستان ۾ امارات اسلاميه جي استحڪام ۽ پاڪستان افغانستان جي پُرامن لاڳاپن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪيو آهي. جي يو آءِ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي خلاف فلسطينين جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري، اڪرم خان دراني ۽ ٻيا به موجود هئا.