اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ ا??لا??ي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي روڪڻ جي لاءِ ڀارت جي مهم زورن تي آهي. هن چ??و ته 10 فيبروري تي ڀارت جي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آءِ اي) مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي ڪشمير جي 15 ملڪيتن تي ڪيترائي ڇاپا هنيا ۽ اهي ڇاپا ??شميري سياسي تنظيمن جي ??لا?? جاري ڪريڪ ڊائون جو حصو هئا. ترجمان چ??و ته جماعت اسلامي انهن 6 سياسي تنظيمن مان هڪ آهي جن تي ڀارت اڳ ۾ ئي پابندي هڻي ڇڏي آهي. هن چ??و ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته هو ڪشميري سياسي ڪارڪنن ۽ پارٽين کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو بند ڪري. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي ورجا??و ته سمورن ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جي قابل بڻايو وڃي. هن چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ??وجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ ا??لا??ي حمايت جاري رکندو.