اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي س??لم??ت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن ??ه جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪي?? بيان موجب ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ جا پنج سال مڪمل ٿيڻ تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پ??هنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ ”آپريشن سوئفٽ ريٽورٽ“ کي پنج سال مڪمل ٿي ويا آهن، اسان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن ??ڄ جي ڏينهن ڀارت جي دعوائن کي ڪوڙو ۽ غلط ثابت ڪندي پنهنجي آپريشنل برتري جو عملي مظاهرو ڪيو. هن چيو ته ڪنهن کي ڪو شڪ نه هج?? گهرجي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي جيڪو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي س??لم??ت جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان ڪنهن ??ه جارحيت جو ڀرپور جواب ڏينداسين.