اسلام آبا?? – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئني ??وبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا??ه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس اچڻ تي خيبرپختونخوا??ه جي وڏي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خيبرپختونخوا??ه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خيبرپختونخوا??ه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت چئني ??وبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خيبرپختونخوا??ه جي وڏي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خيبرپختونخوا??ه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ??رد??ر ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.