اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم جي ڪميٽي کي عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قانوني ۽ عدالتي سڌارن جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. ڪميٽي ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي احسن ڀون، قانون واري ا??وڻي وزير زاهد حامد، سينيئر قانوندان شاهد حامد ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ شامل آهن. وزيراعظم ڪميٽي کي عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون ??يد?? ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خواهش آهي ته ماڻهن کي جلد ۽ آساني سان انصاف فراهم ٿي سگهي. هن ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته ٽيڪس جي معاملن کي عوام خاص طور تي ڪاروباري طبقي جي لاءِ آسان ب??ايو وڃي. وزيراعظم ڪميٽي کي ٽيڪس اوڳاڙين جي ن??ام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قانوني تجويزون پي?? ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع نامن جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم ڪميٽي کي مالي ۽ ٽيڪس معاملن تي 2 هفتن ۾ عبوري رپورٽ پي?? ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي جي فراهم ڪيل رپورٽ سياسي اتحادين سان مشاورت کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن ڏانهن موڪلي وڃي.