اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يون??سي?? جي وفد ملاقات ڪئي ۽ پرائيم من??ٽر يوٿ پروگرام ۽ يون??سي?? جي وچ ۾ دلچسپي جي اظهار جي ??ست??ويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان يون??سي?? جي وفد پاڪستان ۾ يون??سي?? جي نمائندي عبدالله اي فاضل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرائيم من??ٽر يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود پڻ شريڪ هو. وفد وزيراعظم کي پي ايم يوٿ پروگرام ۽ يون??سي?? جي وچ ۾ پاڪستان ۾ نوجوانن جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافي جي حوالي سان حصيداري کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يون??سي?? جي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ٻارن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. بعد ۾ وزيراعظم پرائيم من??ٽر يوٿ پروگرام ۽ يون??سي?? جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنريشن ان لميٽيڊ (جين يو) پروگرام جي حوالي سان دلچسپي جي اظهار جي ??ست??ويز (ليٽر آف انٽينٽ) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ??ست??ويز تي پي ايم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود ۽ يون??سي?? جي پاڪستان ۾ نمائندي عبدالله اي فاضل وزيراعظم جي موجودگي ۾ صحيحون ڪيون. جنريشن ان لميٽيڊ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران 2018ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن جو مقصد نوجوانن کي تعليم، فني تربيت ۽ انٽر پرينيورشپ جي ذريعي باصلاحيت بڻائڻ ۽ شروعاتي تعليم ۽ تربيت جي حوالي سان ڪم ڪرڻ آهي. جين يو پاڪستان ۾ پنهنجا مڪمل آپريشنز شروع ڪرڻ جو من??وبو ٺاهي رهيو آهي جنهن ۾ نوجوانن بابت من??وبن ۾ 20 ملين جي شروعاتي سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. ان ??ست??ويز تي صحيحن سان نوجوانن کي تعليم ۽ تربيت جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جين يو ۽ پي ايم يوٿ پروگرام ان حوالي سان آپريشنل اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تي گڏجي ڪم ڪندا.