اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چي?? جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چي?? جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ کانسواء?? زيان ۽ شين زن شهرن جو دورو پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ قيام دوران وزيراعظم صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. هو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي ۽ اهم سرڪاري ادارن جي سربراهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جي دوري جو هڪ اهم رخ تيل ۽ گئس، توانائي، آءِ سي ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي اهم چي??ي ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شين زن ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن سان گڏ چي?? بزنس فورم کي خطاب ڪندو. هو چي?? ۾ اقتصادي ۽ زرعي زونز جو دورو پڻ ڪندو. وزيراعظم جو چي?? جو دورو پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي جو ثبوت آهي ??نهن جو خصوصيت اعليٰ سطحي مٽاسٽ?? ۽ ??الهه ٻولهه سان ٿيندي. دوري دوران ڌريون گهڻ رُخي موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. ڌريون چي?? پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي اڳتي وڌائڻ، سلامتي ۽ دفاع، توانائي، اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ثقافتي تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏئي پاڪ چي?? دوستي جي مستقبل جو رخ طئي ڪري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪنديون.